عبدالمجيد نظاماڻي

عبدالمجيد نظاماڻي

عبدالمجيد نظاماڻي

عبدالمجيد نظاماڻي: زرعي ماهر ۽ سنڌ آبادگار بورڊ جو اڳواڻ عبدالمجيد ولد الھداد خان نظاماڻي جو جنم 8 مئي 1935ع تي ڳوٺ باقر نظاماڻي تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد هن ايل ايل بي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. سنڌ ۾ پاڻي ۽ زراعت جي معاملن جي ماهر طور هن وڏن محاذن تي انگن اکرن سان ڪالا باغ ڊيم کي سنڌ ۽ ملڪ جي زراعت لاءِ هاڃيڪار قرار ڏيندي ان جي سخت مخالفت ڪئي. 2010ع واري ٻوڏ دوران هن يو ايس ايڊ جي مدد سان سنڌ جي لاڙ ۽ اتر جي هڪ لک ايڪڙ ايراضي تي سورج مکيءَ جو فصل پوکرائي آبادگارن جي مدد ڪئي، ان کان علاوه سنڌ آبادگار بورڊ جي باني ميمبرن ۾ شامل هو. سنڌ آبادگار بورڊ جو جنرل سيڪريٽري ۽ 2000ع کان 2023ع تائين صدر پڻ رهيو. ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد 7 سيپٽمبر 2023ع تي ڳوٺ باقر نظاماڻيءَ ۾ وفات ڪئي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.05.08  عيسوي

زرعي ماهر ۽ سنڌ آبادگار بورڊ جو اڳواڻ عبدالمجيد ولد الھداد خان نظاماڻي جو جنم 8 مئي 1935ع تي ڳوٺ باقر نظاماڻي تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ٿيو.


2023.09.07  عيسوي

عبدالمجيد نظاماڻي 7 سيپٽمبر 2023ع تي ڳوٺ باقر نظاماڻيءَ ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ميرعلي نواز علوي شڪارپوري
شمع سنڌي
علامي محمد ٺٽوي
آسر فقير
راهوجو محبوب رڪ
ڄام پراگمل- I
سيد علي
بودلو سميجو
امينه
تبسم صوفي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون